ڌارين خلاف احتجاج ڏوهه، لاڙڪاڻو پوليس عوامي تحريڪ ڪارڪنن تي ڪڙڪي پئي، 10 گرفتار

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندا+ پ ر) بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاج ڏوهه بڻجي ويو، لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي، تشدد بعد 10 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. نوجوان بلاول ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ افغانين، بهارين، برمين، بنگالين، هندستانين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڪارڪنن پُرامن احتجاج شروع ڪيو ته مٿن پوليس ڪڙڪئي پيئي، ڪارڪنن تي تشدد ڪندي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو، محمد خان چانڊيو سميت 10 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو ۽ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ عوامي تحريڪ جي پُرامن ڪارڪنن مٿان پوليس جي لٺبازي، تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪڙي پاسي سنڌ حڪومت ڌارين دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪندي، سنڌي عوام جي ڌاري آبادڪاري خلاف پُرامن احتجاج ڪرڻ تي غير آئيني ۽ غيرقانوني طور پابندي مڙهي آهي ته ٻئي طرف وري دهشتگردن کي پوليس جي موجودگي ۾ سنڌي نوجوانن کي قتل ڪرڻ سميت سموريون دهشتگرد ڪاروايون ڪرڻ، منشيات  وڪري، زمينن تي قبضن، هٿيارن جي اسمگلنگ سميت سمورا ڏوهه ڪرڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. اڳواڻن چيو آهي ته عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڊي پي آر کان وٺي آمر ضياءَ جي ڦٽڪن، جيلن ۽ مشرف جي لاٺي چارج ۽ گرفتارين کان نه ڊنا، اهي موجود سنڌ حڪومت جي ظالماڻين ڪاررواين اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهڪندا.. گولاڙچي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، ضلعي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کورواه شهر ۾ ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. وارهه ۾ عرفان منان چانڊيو، ساگر مشتاق، مجيب چانڊيو، آصف چانڊيو، قاضي مظفر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي هائوس واره کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سکر ۾ مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي، ذوالفقار ميراڻي، اياز ڪلوڙ، امجد سرگاڻي، سرويچ سنڌي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ريحانا بلوچ ۽ صائمہ ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ڦوهارا چوڪ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اسلام ڪوٽ ۾ ڪبير ڀيل، ڪشور جئپال، نارائڻ سنڌي ۽ ٻين ڪئي. مورو ۾ محمد اسماعيل عالماڻي، گل ڀنگر، دائود ڪلهوڙو، حاڪم ڀٽي، محبوب عالماڻي، قطب الدين عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ڪنهن به ڌاري کي ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ ووٽ جو حق يا سنڌ جي ڊوميسائيل جو حق ڏيڻ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ واضح لفظن ۾ حڪم ڏنو هو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ئي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانهن موڪليو، پر پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري، دهشتگردن کي سنڌ ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. بلال ڪاڪا ۽ ٻين نوجوانن جي قتلن جا ذميوار سنڌ جا حڪمران آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.