پي ٽي آءِ ملتان جو ميدان ماري ورتو،عمران جو بيانيو ڪامياب ويو: زين قريشي

ملتان(م ڊ) پنجاب جي 20 صوبائي سيٽن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ملتان ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو، پي پي 217 جي مڪمل 124 پولنگ اسٽيشنن جي غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجن مطابق پي ٽي آءِ جو اميدوار زين قريشي 46963 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته ن ليگ جو اميدوار سلمان نعيم 40104 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي  رهيو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي زين قريشي چيو ته عمران خان جي بيانئي جي دفاع لاءِ اليڪشن وڙهي، مون کي اڪثر ماڻهن چيو هو ته اليڪشن نه وڙهو، هي اليڪشن هاڻي ملڪ جو فيصلو ڪندي، هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي، هر ڪنهن جي دل چوندي آهي ته ترقي ڪريون، هن چيو ته مان يوسف رضا گيلاني کي هارائي ايم اين اي بڻيو هئس، هن ڀيري ٽرن آئوٽ گهڻو وڌيڪ رهيو، ان اليڪشن ۾ عورتن ۽ نوجوانن وڌي چڙهي حصو ورتو، منهنجا مونس الاهي ۽ پرويز الاهي سان سٺا لاڳاپا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.