” پئسا ملي ويا ؟“ شيخ رشيد جي ن ليگ باغي ميمبر بابت آڊيو پڌري

اسلام آباد (م ڊ) عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد جي ن ليگ جي اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر جليل شرقپوري بابت مبينا آڊيو سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي وئي. آڊيو ليڪ ۾ شيخ رشيد مبينا طور چوڌري گل زمان نالي شخص سان رقم جي ادائيگي بابت ڳالهائي رهيو آهي، هو چئي رهيو آهي ته پوءِ ڪالهه شرقپوري کي به توهان پيمينٽ ڏئي ڇڏي آهي، گل زمان نالي شخص چيو ته هي ٽيلي فون آهي خدا جا بندا، صورتحال ڏسجو، ٻيڙو پار ٿيندو انشاءَالله. شيخ رشيد چيو مان توهان جي ڪري بيپر ڏنو آهي ته ڏسون پوءِ ڇا ٿيڻو آهي، گل زمان نالي شخص چيو ته توهان منهنجي ڪري بيپر ڏنو الله پردو رکڻ وارو آهي. شيخ رشيد چيو ته اڃا نڪتا ناهيو توهان ايتري زبردست اليڪشن آهي؟ گل زمان جواب ڏنو ته هاڻي نڪرئون ٿا، پوءِ توهان کي خبرون ڏيون ٿا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.