شهباز رڳو اسلام آباد جو وزيراعظم،پي ٽي آءِ کان وڌيڪ ن ليگ کي هاڻي عام چونڊن جي ضرورت آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته پي ٽي آءِ کان وڌيڪ ن ليگ کي هاڻي عام چونڊن جي ضرورت آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام فيصلو ڪري ورتو آهي ته بند ڪمرن ۾ فيصلا قبول ناهن، جيڪي به فيصلا ڪرڻا آهن اهي عوام کي ڪرڻا آهن، هن چيو ته عوام ووٽ جي طاقت سان پيغام ڏنو آهي ته غلامي نامنظور، اڄ جي نتيجي سان پوري سياست تبديل ٿي وئي آهي، هن چيو ته عمران خان ڪور ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، سومر تي پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ آئنده جو لائحه عمل  طئي ٿيندو، 22 جولاءِ تي پرويز الاهي وزيراعليٰ پنجاب بڻجي ويندو، چئني صوبن ۾ مختلف پارٽين جون حڪومتون هونديون، شهبازشريف هاڻي رڳو اسلام آباد جو وزيراعظم رهجي ويو، هوڏانهن فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۾ ننڍي چونڊ نتيجن کانپوءِ هاڻي وزيراعظم کي عام چونڊن جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ملڪ وڌيڪ ويڙهه جي سٽ نٿو سهي سگهي،سياسي جماعتن کي گڏجي ويهي سياسي ۽ معاشي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، هن چيو ته اسان ڪيستائين وڙهندا رهنداسين، سمورن مسئلن جو حل فوري ۽ شفاف اليڪشن ۾ آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.