عوامي جمهوري پارٽي سنڌ ۾ گو افغاني گو مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ( رپورٽر) عوامي جمهوري پارٽي پوري سنڌ ۾ گو افغاني گو مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڪراچي جي سمورين افغانين کي انهن جي ڪئمپن ۾ واڙي هٿيار کسي. نادرا پاران جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري انهن کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي.اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪيل سمورن فيصلن جي مڪمل حمايت ڪندي گهر ڪئي آهي ته سنڌ مان افغانين سميت سمورن ڌارين کي ملڪ نيڪالي ڏئي انهن جا سنڌ ۾ داخل سمورا سڃاڻپ ڪارڊ. ڊوميسائل ۽ ڏنل زمينن سان گڏ سنڌ اسيمبلي مان افغانين جي ڪچين آبادين کي ڏنل ليزون فوري طور تي ختم ڪري سنڌين ۾ پئدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اي جي پي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جو اجلاس سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سي سي جي ميمبرن جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر. ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي.ادي نذير قريشي.نثار چنا. غلام قمبر حاجاڻو. درياه خان شيخ.لال محمد چانڊيو.سنڌي عورت تنظيم جي صدر شهزادي ڀرڳڙي. نازيه ڀٽي ايس ايس او جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور دين جوکيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته بلال ڪاڪا جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جي مذمت ڪئي ۽ گهر ڪئي وئي ته عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن  سميت پوري سنڌ مان گرفتار سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ بس ٽرمينل. انڊس ٽائون سنڌ آباد ڳوٺ ۽ ٻين سنڌي آبادين مٿان افعاني دهشتگردن جي هٿياربند ڪارروائين. پاڪستان ۾ افغانستان جا جهنڊا کڻي پاڪستان دشمن نعرن سان سنڌ تي فائرنگ ڪرڻ. انهن جي گهرن ۽ ڪاروبارن تي حملن جي مذمت ڪندي گهر ڪئي وئي ته ڪراچي جي سمورين افغاني ڪئمپن ۾ موجود افغانين کي ٻيهر واڙي حملي آور افغانين کي فورن گرفتار ڪري انهن تي ڪيس هلائي سزا ڏني وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته افغاني هن وقت سنڌ نه پر پوري ملڪ لاءِ خطرو آهن انهن کي فوري طور افغانستان موڪليو وڃي. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ ٻين صوبن مان آيل سمورن ماڻهن کان ووٽ جو حق واپس وٺي انهن کي روزگار واري ورڪ پرمٽ جاري ڪئي وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ روزگار جي نالي ۾ لکين افغانين کي سازش ڪري ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو آهي ان ڪري انهن کان ووٽ جو حق واپس وٺي واپس موڪليو وڃي ۽ افغانين کي ڏنل زمينون فورن واپس ورتيون وڃن. اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي فيصلن جي حمايت ڪندي گو افغاني گو مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ سميت سول سوسائٽي جن جو شڪريو ادا ڪيو ويو جن حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي طرفان يوسي 151 تي چيئرمين جي عهدي جي اميدوار ادي نظير قريشي جي حق ۾ حمايت ڪئي ۽ پنهنجي بيٺل اميدوارن کي هٿ کڻايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.