ڪراچي ۾ اڄ استادن جي گروپن پاران احتجاج جو سڏ

ڪراچي (رپورٽ: غلام مهدي بلوچ) استادن جي ٻن وڏي گروپن جي احتجاج جي ڪال، اڄ سڄي سنڌ جا آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استاد سي ايم هائوس جي گهيراءُ ڪندا جڏهن ته طرف ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي به 20هين تاريخ تي سڄي سنڌ جا استاد ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪري سي ايم هائوس جو رک ڪندا. تفصيل مطابق آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جو ريگيولر نه ڪرڻ خلاف ڪيترائي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي ٻاهران ڪئمپ تي گذاري چڪا، جڏهن ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جي ريگيولرائيزيشن سمري پڻ سي ايم تائين پهتل آهي. سندن جو مطالبو آهي ته سمري تي سي ايم سنڌ سائن ڪري بيچيني ختم ڪري نه ته سي ايم هائوس جو گهيراءِ ڪيو ويندو.ٻي طرف ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اڳواڻن استادن کي به پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، جڏهن ته اڳوڻن پڻ 20هين تاريخ وڏي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي سنڌ جي مختلف شهرن مان استاد ڪراچيءَ پهچي سي ايم هائوس جو گهيرو ڪندا. اڳواڻن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ مطالبا آهن ته پرائمري پوسٽ کي فيبروري 2021 کان 14 گريڊ ۾ اپگريڊ ڪيو وڃي، PST کان JEST ۽ HST ۾ پروموشن بحال ڪيا وڃن، 2001 کان ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي مقرري واري تاريخ کان مستقل ڪيو وڃي، آء بي اي ٽيسٽ پاس ECT، JEST ۽ رهيل رهيل اين ٽي ايس استادن کي مستقل ڪيو وڃي، ڪورٽ جي حڪم مطابق گروپ انشورنس ڏني وڃي، ڪئپس / ڪلسٽر اسڪول ختم ڪيا وڃن، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري انفرااسٽرڪچر بهتر بڻايو وڃي، ٽيچنگ الائونس ۾ اظافو ڪيو وڃي، تعليمي انڪريمينٽ بحال ڪئي وڃي، سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي ۽ استادن کي بنا فرق جي صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.