تلهار ۾ ٽنڊو غلام حيدر واسين جو پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

حاجي وزير، محمدصديق، شفيع محمد ڪورائي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن خلاف نعربيازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس اهلڪار غازي ڪورائي وردي جو ناجائز فائدو وٺندي زرعي زمين تي پنهنجا هٿياربند ويهاري قبضو ڪرڻ چاهي.

هنن چيو ته بااثر اهلڪار جي زمين تي ويهاريل هٿياربندن زمين تي وڃڻ تي لوهي سيخن سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، پر پوليس به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا ساڻن ناانصافي آهي.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اهلڪار جي زيادتين جو نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.