ڳوٺ سڄڻ کوسو ۾ تيز وسڪاري سبب پورهيت احسان کوسو جي گھر جي ڇت ڪري پئي.
گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته ڇت ڪرڻ کانپوءِ متاثر معصوم ٻارڙن سوڌو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي.
متاثر ڊي سي سانگھڙ ۽ سرندي وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گھر کي ڇت ڏيارڻ لاءِ سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي.