ايران جو آمريڪا تي ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ جو الزام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران الزام لڳايو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ اوڀر واري دوري تي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني جو چوڻ آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران فوبيا جي ناڪام پاليسي جو سهارو ورتو آهي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايران تي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جا ڪوڙا الزام خطي ۾ آمريڪا جي شر انگيز پاليسي جو حصو آهن جڏهن ته آمريڪا جو اسرائيل سان سيڪيورٽي معاهدو آمريڪي منافقت ۽ دوکي جي عظيم علامت آهي ڇو ته آمريڪا خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايٽمي هٿيار رکندڙ صيهوني حڪومت طرفان ته پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.