لعلو رائنڪ ۾ نوجوان اتحاد جي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي

حيدري نوجوان اتحاد جي سڏ تي نوجوانن شرف وڪاسي، امير بليدي، حبيب سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين افغانين سوڌو ٻي ڌاري لوڌ کي آباد ڪيو ويو آهي، جنهن سان پرامن سنڌ جو وجود خطري ۾ اچي ويو آهي.

اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير سنڌ ۾ ترسيل افغانين سوڌو ٻين پناهگيرن کي پنهنجي وطن واپس اماڻيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.