واٽس ايپ واهپيدار هوشيار !

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ جي ڊائون لوڊنگ ڪٿان ناهي ڪرڻي ۽ ڪٿان ڪرڻي آهي، ان حوالي سان واٽس ايپ واهپيدار هوشيار ٿي وڃن.

ڪجهه شرپسند عنصر واٽس ايپ جي سهولتن جو غلط فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي واٽس ايپ ذريعي ڪوڙن ورزنز واريون ايپس ٺاهي رهيا آهن، ان لاءِ واهپيدارن کي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي.

ان ڏس ۾ واٽس ايپ جي سي اي او واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته هو واٽس ايپ جا تبديل ٿيل ورزن استعمال نه ڪن.

ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي موبائيل فون ۾ اهڙي ڪا ايپ ڊائون لوڊ نه ڪجي جنهن بابت اوهان کي ڄاڻ نه هجي.

هن ٻڌايو ته ڪا به ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رڳو گوگل پلي اسٽور کي استعمال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.