” ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، سڀني چئنلن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنديس“

ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي هوءَ پنهنجي گرفتاري بابت جعلي خبرون  پکيڙڻ وارن چئنلز خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي.

گذريل ڏينهن حريم شاهه پنهنجي مڙس سيد بلال شاهه سان پنهنجي يوٽيوب چئنل تي هڪ ويڊيو اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ هن سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي ويڊيو بيان جاري ڪيو آهي.

حريم شاهه پنهنجي ويڊيو بيان چيو آهي ته سندس خلاف هڪ خبر صبح کان سوشل ميڊيا، اليڪٽرڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندي رهي، ڪيئي ماڻهن رابطو ڪيو پر مان مصروف هئس، ڪجهه ڏينهن اڳ، مون بابت جعلي خبرون آيون هيون پر خاموش رهيس ڇو جو مان اهڙي قسم جي خبرن تي ڇا ڳالهايان؟ هر ٻئي ڏينهن ڪوڙيون خبرون پکيڙيون وينديون آهن جن ۾ ڪا به صداقت ناهي هوندي.

ٽڪ ٽاڪ اسٽار خبر جي تصديق کانسواءِ ٽي وي چئنلز تي نشر ڪرڻ بابت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وڪلين سان صلاح مشورو ڪيو آهي ۽ هن معاملي کي ڏسنداسين.

سڀني چئنلن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنديس، جڏهن ته پاڻ بابت ڪوڙين خبرن جي ترديد ڪريان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.