سُشميتا سين شادي مامرو، ڀارتي ميڊيا ڊونلڊ ٽرمپ اسٽائل ۾ ڪوڙيون خبرون نه ڏئي: للت مودي

بالي ووڊ ادڪارا سُشميتا سين سان شادي بابت وضاحت باوجود جعلي خبرون سامهون اچڻ تي انڊين پريميئر ليگ جي باني ۽ پهرين چيئرمين للت مودي ڀارتي ميڊيا تي ڪڙڪي پيو.

پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ للت مودي لکيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ميڊيا کي مونکي ٽرول ڪرڻ جو ايترو جنون ڇو آهي،  ڪير ٻڌائي سگهي ٿو ته مون انسٽا تي رڳو ٻه تصويرون پوسٽ ڪيون ۽ ٽيگ به صحيح استعمال ڪيا پر لڳي ٿو ته اسان اڄ به  مڊل ايجز ۾ جي رهيا آهيون، جتي ٻه ماڻهو دوست نٿا ٿي سگهن، سندن وچ ۾ ڪيمسٽري سٺي هجي ۽ وقت به مناسب هجي ته ڪو معجزو به ٿي سگهي ٿو.

هن لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ هر صحافي ارناب گوسوامي وانگر بهترين ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر منهنجو کين مشورو آهي جيو ۽ جيئڻ ڏيو، درست خبرون ڏيو ،  ڊونلڊ ٽرمپ اسٽائل ۾ ڪوڙيون خبرون نه ڏيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Lalit Modi (@lalitkmodi)

پوسٽ ۾ للت مودي اڳوڻي گهرواري بابت هلندڙ خبرن به ڪوڙو قرار ڏنو ۽ لکيو ته جيڪڏهن ڪو ترقي ڪري رهيو آهي ته ان کي ساراهيو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، توهان روپوش چئي رهيا آهيو ته اهو ٻڌايو ته ڪهڙي عدالت ۾ مون کي رپورش قرار ڏنو آهي.

هن پاڻ مٿان مڙهيل الزامن جي جواب ۾ لکيو ته مان سوني جي چمچي سان گڏ پيدا ٿيو هئس، ڪڏهن رشوت نه ورتي، جڏهن مان بي سي سي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته مون وٽ 40 ڪروڙ هئا ۽ جڏهن مون تي پابندي لڳائي هئي تڏهن منهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 47 ڪروڙ هئا، جعلي ميڊيا شرم ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.