سريلنڪا جو ماحول سازگار ناهي، ايشيا ڪپ يو اي ايِ ۾ ٿيندو

ايشيا ڪپ 2022ع بابت ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايونٽ سريلنڪا کان گڏيل عرب رياستن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) جي عهديدارن سريلنڪا جي موجودا حالتن ۾ ايونٽ ناممڪن قرار ڏنو آهي ۽ هاڻ جلد ٽورنامينٽ منتقلي جو باظابطا اعلان ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا اهو پڻ چوڻ آهي ته سريلنڪا ڪرڪيٽ به ايونٽ جي منتقلي تي اتفاق ڪيو آهي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2022ع  27 آگسٽ کان 11 سپٽمبر تائين سريلنڪا ۾ شيڊول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.