تيل پيداوار، سعودي ولي عهد وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

 

جده (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته تيل جي پيداوار هڪ ڪروڙ 30 لک بيرل کان نٿا وڌائي سگهون.

جده ۾ آمريڪا عرب ڪانفرنس سان خطاب ڪندي شهزادي محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب وٽ تيل جي روزاني پيداوار هڪ ڪروڙ 30 لک بيرل کان وڌائڻ جي صلاحيت ناهي.

هن چيو ته عالمي معيشت جو استحڪام تيل اگهن ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، عالمي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، توانائي جي پائيدار ذريعن لاءِ حقيقت پسنداڻي ۽ ذميواراڻي نظريي جي ضرورت آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايران خطي ۾ ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.