برسات کانپوءِ کنڀيون ته ڦٽنديون پر موت جو سبب بڻجندڙ کنڀين کان هوشيار رهو !

اڪثر برسات کانپوءِ کنڀيون ڦٽي اينديون آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو انهن کي شوق سان کائيندا آهن.

کنڀيون اڪثر گهرن جي باغن ۾ ڦٽي اينديون.

ڪجهه ماڻهو دڪانن تان کنڀيون خريد ڪري کائيندا آهن ته ڪي وري جهنگ مان کنڀيون پٽي ايندا آهن.

پر اوهان کي هوشيار رهڻ گهرجي ته ڪيترائي ڀيرا کنڀيون موت جو سبب به بڻجي وينديون آهن.

زهريليون کنڀيون کائڻ کانپوءِ موت واقع ٿيڻ جون خبرون اڪثر سامهون اينديون رهنديون آهن ۽ تازو ڀارتي رياست آسام ۾ زهريليون کنڀيون کائڻ سبب 13 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته گهڻا ماڻهو جهنگلي کنڀين ۽ عام کنڀين ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن ۽ هو غلطي سان زهريليون کنڀيون کائي ڇڏيندا آهن.

ڊاڪٽرن موجب ان بابت ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي پر ان تي گهڻو ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه کنڀيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي جگر ۽ گڙدن کي متاثر ڪن ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن دير سان اسپتال پهتل مريض دوائون وٺڻ باوجود بچي نه سگهندا آهن.

هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن زهر جو اثر فوري ناهي ٿيندو ۽ چئن پنجن ڏينهن کانپوءِ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي.

هاڻي مسئلو کنڀين جي سڃاڻپ جو آهي ته ڪهڙي کنڀي زهريلي آهي ۽ ڪهڙي ناهي.

ان حوالي سان ماهر چون ٿا ته سڃاڻپ ڏکي آهي پر جيڪي عام طريقا آهن انهن موجب کنڀين جو رنگ ڏسي پتو لڳائي سگهجي ٿو.

اهو سمجهيو ويندو آهي ته چمڪدار رنگ واري کنڀي زهريلي هوندي پر دنيا ۾ گهڻو ڪري زهريليون کنڀيون اڇي رنگ جون هونديون آهن.

ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن زهريلي کنڀي چاندي سان رلائي ويندي آهي ته چاندي جو رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي پر اها ڳالهه ثابت ناهي ٿي سگهي.

ان سان گڏوگڏ ماڻهو اهو به سمجهندا آهن کنڀي جي ٽوپي جهڙو مٿيون حصو جيڪڏهن چهنبر هجي ته اها زهريلي هوندي  آهي پر هڪ ڊيٿ ڪيپ کنڀي جي شڪل چنهنبر ناهي هوندي.

اهو ئي سبب آهي جو هنن کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو پر گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجن طريقن سان سڃاڻڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.