لنڪا پريميئر ليگ ملتوي

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ڪرڪيٽ لنڪا پريميئر ليگ 2022ع ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سريلنڪا ڪرڪيٽ پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل مختصر بيان ۾ لنڪا پريميئر ليگ 2022ع ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب ليگ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو پروڊڪشن گروپ جي درخواست تي ڪيو ويو آهي.

پروڊڪشن گروپ درخواست ڏني هئي ته موجودا ملڪي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لنڪا پريميئر ليگ جي ميزباني لاءِ ماحول بنهه سازگار ناهي.

ياد رهي ته سريلنڪا پريميئر ليگ پهرين آگسٽ کان 21 هين آگسٽ تائين شيڊول هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.