ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات شروع ٿي وئي.
شهر جي مختلف علائقن قائد آباد، بن قاسم، ڪورنگي، ملير، لانڍي، ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ برسات ٿي رهي آهي.
صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ايم ٽي خان روڊ، ڪياماڙي، ملير هالٽ، گلشن اقبال ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز مينهن وسي رهيو آهي.
ان کان اڳ موسميات کاتي جو چوڻ هو ته سسٽم جي اثر هيٺ اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو هو ته ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن مهاڻا سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.