مهانگائي جي شرح ۾ واڌ، ٽرين جو سفر مفت ڪرڻ جو اعلان

سڄي دنيا ۾ ٽرين جو سفر ڪرڻ تي ٽڪيٽ خريدڻي پوندي آهي پر هڪ ملڪ اهڙو به آهي جتي ريل گاڏي ذريعي مفت سفر جي سهولت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

يورپي ملڪ اسپين ۾ حڪومت مهانگائي جي شرح ۾ واڌ سبب سرڪاري پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا پهريان ئي 50 سيڪڙو گهٽائي ڇڏيا آهن پر هاڻ اڪثر ٽرينن ۾ مفت سهولت پيش ڪرائي پئي وڃي.

حڪومت طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته پبلڪ ٽرين نيٽورڪ رينفي جي ٽرينن ۾ مسافر مفت سفري ڪري سگهندا.

حڪومت طرفان اهو پروگرام سپٽمبر کان باظابطا شروع ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.