سج جي روشني تي هلندڙ ٽن ڦيٿن واري انوکي گاڏي ۾ ٻيو ڇا ڇا آهي؟ ڄاڻي وٺو

هيءَ انوکي نظر ايندڙ اليڪٽرڪ گاڏي ڏسڻ ۾ اسپيس شپ وانگر آهي پر اها اڏرڻ بدران روڊ تي ڊوڙندي آهي.

آمريڪي ڪمپني ايپٽير موٽرز دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ٽن ڦيٿن واري اها گاڏي حقيقت ۾ سج جي روشني تي هلندي آهي ۽ وچولي استعمال تي توهان کي ڪڏهن چارج ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

ايلفا نالي هن گاڏي ۾ رڳو سولر انرجي ئي طاقت فراهم ڪرڻ جو اڪيلو ذريعو ناهي، پر ٻين الڪيٽرڪ گاڏين جيان ضرورت پوڻ تي اها چارج پڻ ڪري سگهجي ٿي.

اليڪٽرڪ چارج تي اها گاڏي هڪ هزار ميل تائين جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿي پر ان جو دارومدار بيٽري پيڪ تي هوندو.

ڪمپني هونئن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اها گاڏي سولر پئنل ذريعي ئي ايتري بجلي پيدا ڪري سگهي ٿي جو اها روز 70 ڪلوميٽر تائين هلائڻ لاءِ ڪافي هوندي.

ڪمپني موجب هن گاڏي ۾ موجود ” نيورو چارج ٽيڪنالوجي “ جي مدد سان هن کي سج جي روشني ذريعي هلائي سگهجي ٿو ۽ بيٽري پيڪ تائين سولر انرجي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي.

هن گاڏي ۾ ڪيمپنگ جو انظام به آهي جڏهن ته ڊيوائسز کي به سولر انرجي ذريعي چارج ڪري سگهجي ٿو.

 هن گاڏي جي قيمت 25 هزار 900 ڊالرز کان شروع ٿيندي جنهن ڪمپني ويب سائيٽ تان بُڪ ڪرائي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.