بابر اعظم جو وڏو ڪارنامو ، ڪوهلي کان به اڳتي نڪري ويو

گال ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم  ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو آهي .

سريلنڪا خلاف گال ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾بابر اعظم سريلنڪا خلاف 21 رنسون ٺاهي عالمي ڪرڪيٽ ۾گهٽ اننگز ۾  تيز ترين ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو چوٿون بيٽر بڻجي ويو آهي.

هو عالمي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن ۾ تيز ترين ڏهه هزار رنسون ٺاهيندڙ پاڪستان جو پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي، اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ لاءِ کيس 228 دفعا بيٽنگ ڪرڻي پئي.

گهٽ اننگز ۾ ڏهه هزار رنسون ٺاهڻ واري فهرست ۾ ويسٽ انڊين عظيم بيٽر سر ويون رچرڊ پهرين نمبر تي آهي جنهن 206 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، جڏهن ته هاشم آملا، جو روٽ ۽ ورات ڪوهلي ترتيبوار 217، 220 ۽ 232 اننگز ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو هو.

پر هاڻ بابر اعظم ورات ڪوهلي کان چوٿين پوزيشن کسي ورتي آهي.

پاڪستان طرفان بابر اعظم کان اڳ جاويد ميانداد اهو ڪارنامو 248 اننگز ۾ جڏهن ليجنڊ اوپنر سعيد انور 255 اننگز ۾ انجام ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.