عمران خان جو پنهنجي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ کان مسلسل سهارو وٺڻ جو اعتراف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي پوڻن چئن سالن جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ کان مسلسل سهارو وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته اتحادين جي بليڪ ميلنگ تي ايجنسين کي گهڙي گهڙي چوندو هيس ته انهن کي اسيمبلي ۾ آڻيو ته جيئن اهي اسان جي حق ۾ ووٽ وجهي سگهن، اڳتي جيڪڏهن اهڙي ڪمزور حڪومت ملي ته حڪومت نه وٺندس.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ سيمينار سان خطاب ڪندي عمران خان چيو هو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جنرل فيض سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي.

سندس موجب گم ٿيل ماڻهن بابت عسڪري قيادت جو موقف هو ته عدالتن ۾ دهشتگردي جا ڪيس ثابت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ڪيس ثابت نه ٿيڻ سبب دهشتگرد آجا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ رياست خلاف ڪارروائيون شروع ڪندا آهن.

هن چيو هو ته اسان هڪ نتيجي تي پهچي ويا هئاسين ته هاڻ ڪو مسنگ نه ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ ان جي گهر وارن کي ته خبر هجي ته هو ڪٿي آهي.

عمران خان اهو به چيو هو ته جنرل ۽  ليڊر لاءِ يوٽرن تمام ضروري هوندو آهي، غلطيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن توهان کي غلطي جي خبر آهي ته واپس ٿي وڃو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.