پنجاب جي ننڍي چونڊ: تحريڪ انصاف 5 سيٽون کٽي ورتيون، وڌيڪ 12 سيٽن تي سرسي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي 20 سيٽن تي ننڍي چونڊ جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين جي نتيجن موجب تحريڪ انصاف 5 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ ان کي وڌيڪ 12 سيٽن تي سرسي حاصل آهي.

پنجاب جي 14 ضلعن جي 20 سيٽن تي پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي.

ننڍي چونڊ ۾ 175 اميدوارن حصو ورتو، 20 سيٽن تي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلو آهي، ن ليگ کي پنجاب ۾ وڏ وزارت برقرار رکڻ لاءِ 11 سيٽن جي ضرورت آهي.

پنجاب اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ پولنگ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيل تائين جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 5 سيٽون کٽي ورتيون آهن ۽ ان کي 12 سيٽن تي سرسي حاصل آهي.

ملتان ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 217 ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي ميدان ماري ورتو، تڪ جي مڪمل 124 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب زين قريشي 46963 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته ن ليگ جي محمد سلمان 40104 ووٽ کنيا.

پي پي 288 ڊيرا غازي خان جي سڀني 145 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو سردار محمد سيف الدين کوسا 58015 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته ن ليگ جي عبدالقادر خان 32487 ووٽ کنيا آهن.

پي پي 158 لاهور جي سڀني 151 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ميان اڪرم عثمان 36 هزار 888 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته ن ليگ جي راڻا احسن شرافت 31 هزار 447 ووٽ کنيا.

پي پي 83 خوشاب جي سڀني 215 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ملڪ حسن اسلم خان 48 هزار 475 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد آصف ملڪ 41 هزار 752 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

تحريڪ انصاف پنجين سيٽ ساهيوال جي تڪ پي پي 202 ۾ کٽي آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب اتان تحريڪ انصاف جي ميجر (ر) غلام سرور 61 هزار 989 ووٽ کنيا، جڏهن ته ن ليگ جو ملڪ نعمان لنگڙيال  59 هزار 167 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.

واضح رهي ته 20  تڪن ۾ 45 لک کان وڌيڪ ووٽرن لاءِ 3131 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن مان 676 کي انتهائي حساس ۽ 1194 کي حساس قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اتي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون هيون.

چونڊن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکن لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي کي به مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪ فوج جو چوڻ هو ته فوجي دستا ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس جي حيثيت سان ڊيوٽي ڏيندا.

گهرو وزارت ۾ به ننڍي چونڊ دوران امن امان لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو، مانيٽرنگ سيل اڻ وڻندڙ واقعي تي فوري طور ريسپانس لاءِ قائم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.