ڪورونا وائرس جو ” بدترين قسم “ سامهون اچي ويو

ڪروڙين انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ ڪورونا وائرس جي وبا کي اڍائي ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ هاڻي هن وائرس جو سڀ کان خطرناڪ قسم سامهون آيو آهي.

سڄي دنيا ۾ ويڪسنييشن ذريعي ڪووڊ 19 سان موت جي روڪٿام ۾ مدد ملي آهي پر هي وائرس پاڻ کي تبديل ڪري قوت مدافعت کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڪورونا وائرس جو نئون قسم  بي اي 5 مان واضح اشارو ملي ٿو ته هن وبا کي مڪمل طور ختم ٿيڻ ۾ اڃا گهڻو وقت لڳندو.

اوميڪررون جي هن ذيلي قسم سڄي دنيا ۾ ڪووڊ ڪيسز ۾ واڌ جو ڪارڻ بڻيو آهي ۽ صحت جي عالمي اداري موجب 15 ڏينهن ۾ عالمي سطح تي ڪيسن جي شرح ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي.

يورپ ۾ اميڪرون جي ذيلي قسم بي اي 4 ۽ بي اي 5 سبب ڪيسز جي شرح ۾ 25 سيڪڙو  اضافو ٿيو آهي.

بي اي 5 چين ۾ به پهچي چڪو آهي جنهن سبب ڪيئي شهرن ۾ ٻيهر سخت لاڪ ڊائون لڳڻ جو امڪان آهي.

ڪورونا جو اهو ئي قسم هن وقت آمريڪا ۾ 65 سيڪڙو نون ڪيسن جو سبب بڻجي رهيو آهي.

وائٽ هائوس جي ڪووڊ ريسپانس ڪو آرڊينٽر ڊاڪٽر اشيس جهاني چيو آهي ته سندن وائرس جي شروعاتي مرحلي تي نظر آهي.

صحت جي عالمي اداري موجب ڪووڊ 19 اڃا تائين پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي آهي.

ڪميٽي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عالمي سطح تي ٽيسٽنگ جي سطح ۽ جينوم سيڪو نسنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن مان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ڪو ملڪ ڪنهن حد تائين بي اي 5 جي درست مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.