خيرپور/پير جو ڳوٺ (نمائندن وٽان) پريالوءِ لڳ پير مڱيو واري علائقي ۾هڪ ئي خاندان جون 4 ٻارڙيون برساتي پاڻي سان ڀريل کڏي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.رپورٽ موجب پير مڱيو جي ڳوٺ دنگئي ڪلهوڙو ۾ هڪ ئي خاندان جون 4 ٻارڙيون 5 سالن جي صوبيا ڌيءُ حاجن ڪلهوڙو، 6 سالن جي نائلا ڌيءُ رفيق ڪلهوڙو، 8 سالن مشاهدان ڌيءُ قربان ڪلهوڙو ۽ 7 سالن جي ثريا ڌيءُ محمد رمضان ڪلهوڙو گڏين جي راند کيڏڻ دوران پير ترڪڻ سبب برساتي پاڻي سان ڀريل کڏ ۾ ڪري پيون، جن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او پريالوءِ صادق عباسي عوامي آواز کي ٻڌايو ته ٻار راند کيڏي رهيا هئا، جن مان هڪ ٻارڙي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن کي بچائيندي 3 ٻيون ٻارڙيون به ٻڏي فوت ٿي ويون.