نئون ديرو مان گم ٿيل نينگر جو گُهٽا ڏنل لاش هٿ،لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو،چڪريون

لاڙڪاڻو (رپورٽ:مرتضيٰ ڪلهوڙو) نئون ديرو مان گم ٿيل 13 سالن جي نينگر جو ماهوٽا ڀرسان  گهٽا ڏنل لاش هٿ آيو، وارثن نينگر جو لاش  رکي لاڙڪاڻو-نئون ديرو روڊ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو.ڪالهه صبح ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدابخش مري لنڪ روڊ تي ڳچيءَ ۾ رومال ٻڌل 13 سالن جي نينگر جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي نينگر جي سڃاڻپ نئون ديرو شهر جي مراد ڀٽو ڪالوني واسي علي گل پٽ امان الله راهوجو طور ٿي.نينگر جي چاچي نعمت الله راهوجو ٻڌايو ته هن جو ڀائيٽو علي گل راهوجو گذريل ڏينهن گهران نڪري ڳوٺ جي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويو، جنهن کان پوءِ هو گم ٿي ويو، جنهن کي ڳولا ڪرڻ سان گڏ پوليس کي به اهڙو اطلاع ڏنو پر ڪٿان به ڏس پتو پئجي نه سگهيو. هن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، لاش ملڻ وقت ڀائيٽي جي ڳچي ۾ رومال ٻڌل هو جنهن مان ظاهر آهي ته ڀائيٽي کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي مقتول نينگر جي وارثن قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ لاڙڪاڻو-نئون ديرو روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڊي ايس پي صدر آغا شڪيل پٺاڻ ۽ ايس ايڇ او ماهوٽا نادر ساريو پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر ان جي باوجود وارثن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي جنهن تي پوليس ۽ مقتول نينگر جي وارثن ۾ منهن ماري ٿي.هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي سينيئر ۽ تجربيڪار پوليس آفيسرن انسپيڪٽر آغا شڪيل احمد پٺاڻ، ايس ايڇ او ماهوٽا نادر ساريو ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو شاهد ميمڻ تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي. ايس ايس پي چيو ته جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته نينگر علي گل راهوجو جو ڳلو دٻائي قتل ڪيو ويو، ج واقعي ۾ ملوث جوابدار قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.