ناظم جوکيو ڪيس، ايم پي اي اويس جو نالو خارج نه ٿيندو، ڄام ڪريم آجو قرار

ڪراچي (رپورٽر)ملير جي عدالت شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس  ۾ جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل چالان تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي۔عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام، نياز  سالار، حيدر علي، مهر علي ۽ احمد شورو خلاف ڪيس هلندو. سندن نالا ڪيس مان خارج نه ٿيندا۔عدالت ايم اين اي ڄام عبدالڪريم،اسحاق جوکيو،محمد خان، سومار، سليم ۽ ٻين جا نالا 2 ڪالم ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آھي. عدالت ڪيس ۾ گرفتار جمال واحد ۽ عبدالرزاق سالار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.