بيٽ کي ووٽ ڏيو، جنت ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، عمران خان جو اعلان

لاهور (عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ تان هڪ پوسٽر وائرل ٿيو آهي. جيڪو پي پي 97 فيصل آباد تڪ ۾ ورهايو  ويو آهي. پوسٽر ۾ لکيل آهي ته ”17 جولاءِ تي ننڍي چونڊ، غلامي نه هلندي، جهاد فرض، بيٽ تي مهر هڻي جهاد ۾ حصو وٺو ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو“ نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته هاڻي جنت به عمران خان وٽ آهي جيڪو بيٽ تي مهر هڻي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندوعمران خان ان کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏيندو. مذهب جو سياست ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. پر ان حد تائين ڪامذهبي پارٽي به نه وئي آهي. ڇو ته جنت يا دوزخ جو فيصلو ته خدا کي ڪرڻو آهي. جنت يا دوزخ ته هر انسان کي اعمالن جي بنياد تي خدا تعاليٰ ڏيندو پر پوسٽر مان واضح ٿي رهيو آهي ته اهو اختيار به عمران خان پاڻ وٽ رکيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.