عمران جا ڳجهي ملاقات لاءِ پيغام، سڪندر سلطان جو انڪار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي انصار عباسي انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي ان وقت جي وزيراعظم  عمران خان مقرر ڪيو هو ته ان کانپوءِ سڪندر سلطان راجا کي عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڳجهي ملاقات لاءِ ڪيترائي ڀيرا پيغام اماڻيا هئا پر چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا انڪار ڪري ڇڏيو هو. وري جڏهن 17 جولاءِ تي ننڍي چونڊ جو اعلان ٿيو تڏهن به عمران خان مسلسل سڪندر سلطان راجا کي ڳجهي ملاقات لاءِ پيغام اماڻيا پر چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته منهنجي آفيس جا دروازا سمورن سياستدانن لاءِ کليل آهن باقي ڳجهي ملاقات ڪنهن سان ممڪن نه آهي. صحافي انصار عباسي موجب ان کانپوءِ عمران خان مڇرجي پيو ۽ سڪندر سلطان سان ذاتي تڪرار جي حد تائين هليو ويو آهي. جلسن ۾ ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي نالو وٺي ڌمڪيون ڏيندو رهيو، الزام به هڻندو رهيو آخرڪار تنگ ٿي چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان کي نوٽيس اماڻيو ڇو ته چيف اليڪشن ڪمشنر انتهائي پروفيشنل ۽ قاعدن ضابطن جو پابند آهي. حمزا شهباز يا مريم نواز سان ملاقاتن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ وارن شايد کيس سنگين ڌمڪيون به ڏنيون آهن جنهن جو هن اظهار به ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.