لساني فساد ڪرائڻ جي سنڌ حڪومت ذميوار آهي:حليم عادل

حيدرآباد/ڄامشورو (رپورٽر+ن ع آ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ اينٽي ڪرپشن ڄام شورو پاران داخل ڪيل ايف  آءِ آر ۾ ضمانت لاءِ حيدرآباد سيشن ڪورٽ پهتو، عدالت 2 لکن رپين عيوض عبوري ضمانت ۾ 28 جولاءِ تائين واڌ ڪندي اينٽي ڪرپشن کان تفصيل طلب ڪري ورتا.بعد ۾ حليم عادل شيخ ڄامشوري پهچي ايس يو پي جي مرڪزي قيادت سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته بلال ڪاڪا جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب حيدرآباد واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ وڳوڙ شروع ٿيا، زرداري ليگ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ قيادت تي جيڪي الزام مڙهيا آهن، انهن کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سنڌ حڪومت ذميوار آهي، چار ڏينهن کان سنڌ ۾ حالتون خراب ٿي رهيون هيون، سنڌ حڪومت ڇو خاموش رهي، بلال ڪاڪا جي واقعي تي پوليس جلد ڪارروائي ڪري ها ته مامرو وڌي نه ها. هن چيو ته ڪنهن کي به سنڌ جو امن تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين، پي ٽي آءِ ڪنهن به قسم جي لساسي فسادن خلاف آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ اندر پيدا ٿيل صورتحال تي جيڪا جدوجهد هلائيندي، ان ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي ته پي ٽي آءِ سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي. پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قيادت سنڌ اندر پيدا ٿيل صورتحال تي رابطي ۾ آهي، حليم عادل شيخ ڄامشوري پهچي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ترت امن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.