سنڌ ۾ نفرتون پکيڙيندڙ ڌرتي جا سڄڻ ناهن: صدر الدين شاهه

ڪراچي(م ڊ) فنڪشنل ليگ جي صدر پير صدر الدين شاهه راشدي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار وقتائتا قدم  کڻي ها ته اڄ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين هاهن چيو ته سَستي شُهرت لاءِ سنڌ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ صوبي جا همدرد نه آهن، سنڌ واسين کي اپيل آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جي دشمنن جي ڳالهين ۾ نه اچن،ف ليگ اڳواڻ چيو ته سنڌ امن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي، صوبي جي ورهاڱي جي سوچ ملڪ ۽ عوام دشمني تي ٻڌل آهي،هن چيو ته عوام ٻڌي سان سنڌ ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ واري سازش ناڪام بڻائيندوصدر الدين شاهه بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.