سنڌ مان افغانين سميت سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي: سگا

ڪراچي:  سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان سنڌ ۾ افغانين ۽ پرڏيهين جي لڳاتار وڌندڙ آبادي ۽ سنڌ صوبي ۾ والار جي مذمت ڪئي آهي ۽ کين بنا دير سنڌ صوبي مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سگا طرفان بلال ڪاڪا جي افغانين هٿان قتل واري واقعي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سموري سنڌ ۾ فسادين طرفان ٿيندڙ ڪارروائين تي تمام گهڻي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. سگا اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته بلال ڪاڪا جي قاتلن ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن خلاف جوڳا قدم کڻي کين گرفتار ڪري، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ترت بحال ڪئي وڃي. جڏهن ته افغانين کي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سنڌي ماڻهو هر قسم جي روزگار کان محروم ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.