شفاف اليڪشن نه ٿي ته جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي: شاهه محمود

ملتان(م ڊ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شفاف اليڪشن نه ٿي ته جمهوريت خطري ۾  پئجي ويندي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته زين قريشي جي 13 جولاءِ جي ريلي ڪامياب رهي، جنهن تي پي ٽي آءِ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته اڌ اليڪشن گذري وئي، اڌ پولنگ جي ڏينهن رهجي وئي، هاڻي نتيجا وٺڻ کان بغير ڪو به پولنگ تان نه وڃي، اسان ٽڪراءُ ڪٿي به نٿا چاهيون، ڪنهن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ضرورت ناهي، عابد شير علي جو ملتان سان ڪهڙو تعلق آهي؟ کيس لنڊن مان ملتان موڪليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.