ريحام خان ٽئين شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان ٽين شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.تازو ئي ريحام خان هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن هڪ دفعو ٻيهر محبت جي ڳالهه ڪئي.پروگرام دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ويو ته ڇا هوءَ  وري شادي ڪرڻ بابت سوچيندي؟جنهن تي ريحام خان چيو ته سندس خاندان ۾ هڪ فرد نجومي آهي جنهن چيو هو ته مان ٻيهر شادي ڪنديس، هن هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندي چيو ته تازو ئي منهنجي هڪ ڀاڻيجي جي شادي ٿي جيڪو مون کي وڌيڪ ويجهو آهي، هو شادي تي رضامند نه هو، گهڻين مشڪلن سان راضي ٿيو، هن کي سندس والد چيو ته پٽ ڏس خدا جو واسطو  اٿئي شادي ڪري ڇڏ نه ته تنهنجي ماسي ٽين شادي ڪري ڇڏيندي، ريحام خان چيو ته مون هن سان ان ڳالهه تي ميار ڏني ۽ چيو ته هاڻي ته مان شادي ڪنديس، اهو منهنجو ضد آهي، هن چيو ته مون کي مينڌي لڳائڻ جو بلڪل شوق ناهي، نه ئي ڪڏهن لڳرائي آهي، اهو ئي سبب آهي ته مون پنهنجي ڪنهن شادي تي ميندي نه لڳائي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.