فوج تي تنقيد ضروري، آمرن ادارا ڪمزور ڪيا، جرنلن کي يوٽرن وٺڻ گهرجي

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جرنيلن ۽ ليڊرن لاءِ يوٽرن تمام ضروري هوندو آهي، غلطي کي سمجهي  واپس وڃڻ گهرجي.  اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن عدالتون انصاف ڏئي رهيون آهن ته اسان ڪڏهن تباهه نه ٿينداسين، پاڪستان ۾ طاقتور شخص قانون کان مٿي هوندو آهي، ملڪ ۾ ٽن ڊڪٽيٽرن ادارن کي ڪمزور ڪيو، جڏهن هڪ ڊڪٽيٽر پاڻ کي ڊيموڪريٽ بڻائيندو آهي ته ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندو آهي.سندس چوڻ هو ته آمريڪي سفير چيو جيڪڏهن وزيراعظم کي نه هٽايو ويو ته پاڪستان ڏکيائين کي منهن ڏيندو، ڊونلڊ لو چيو وزيراعظم کي هٽايو ته معاف ڪنداسين، ڇا هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ائين هٽايو ويندو آهي؟ آمريڪي خط جي جاچ ٿيڻ گهرجي ها پر ان کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، آمريڪي خط تي انڪوائري نه ڪئي، ابتو ڌمڪي ٿا ڏين ته عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هٽلر برطانيا تي حملو ڪيو ته چرچل اهو نه چيو ته سندن فوج ڪيتري تيز آهي، پر جواب ڏنو ته جيڪڏهن عدالتون انصاف ڪن ٿيون ته ملڪ تباهه نه ٿيندو، پاڪستان ۾ قيادت اندر يورپ جهڙي اخلاقيات ناهي ڏٺي. هن چيو ته صاف شفاف چونڊن کانسواءِ پاڪستان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي، بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿيندا آهن، غلطيون سڀني کان ٿينديون آهن، غلطي کي سمجهي واپس اچڻ گهرجي، جرنيلن ۽ ليڊرن لاءِ يوٽرن ضروري هوندي آهي، اسان فوج کي ڪڏهن ڪمزور نٿا ڏسي سگهون، طاقتور فوج اسان جو اثاثو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو  ته موجودا سيٽ اپ کي اسٽيبلشمينٽ سپورٽ ڪري رهي آهي، ڇا اِهو ملڪ جَي مفاد ۾ آهي؟پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته، سائفر جو معاملو دٻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي، امريڪي سازش جي نتيجي ۾ غير فطري سيٽ اپ آيو. عمران خان چيو ته بند ڪمرن ۾ پلان اَي ٺهندو آهي ۽ ٻيهر بند ڪمرن ۾ پلان بي ٺهندو آهي، بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿين ته اُهي ٺيڪ فيصلا ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟هن چيو ته ملڪ لاءِ فري اينڊ فيئر اليڪشن کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، منهنجو به فون ٽيپ ڪيو پيو وڃي، جنرل ۽ ليڊر لاءِ يوٽرن وٺڻ تمام ضروري هوندو آهي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هٽلر برطانيا تي حملو ڪيو ته چرچل اهو نه چيو ته سندن فوج ڪيتري تيز آهي، پر جواب ڏنو ته جيڪڏهن عدالتون انصاف ڪن ٿيون ته ملڪ تباهه نه ٿيندو، پاڪستان ۾ قيادت اندر يورپ جهڙي اخلاقيات ناهي ڏٺي. هن چيو ته نجم سيٺي کان سواءِ ڪنهن به صحافي خلاف ڪارروائي نه ڪئي، منهنجي دور ۾ صحافين کي کنڀيو ويو، جنهن جاٻيا سبب آهن، هڪ فوجي آمر ملڪ کي سنڀالي ٿو ته اهو ڀڃڪڙي ئي ڪري ٿو، 64 ورهين ۾ اڌ فوجين ۽ اڌ ٻن خاندانن حڪومت ڪئي پر قانون جي بالادستي نه رهي. عمران خان چيو ته  جنرل باجوا ۽ جنرل فيض سان گم ڪيلن جي معاملن تي ڳالهايوم، ڪيترائي ماڻهو آزاد ڪرايا. گم ٿيل ماڻهن بابت عسڪري قيادت جو موقف هو ته عدالتن ۾ دهشتگردي جا ڪيس ثابت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، ڪيس ثابت نه ٿيڻ سبب دهشتگرد آجا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ رياست خلاف ڪارروائيون شروع ڪندا آهن. هن چيو ته اسان هڪ نتيجي تي پهچي ويا هئاسين ته هاڻ ڪو مسنگ نه ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ ان جي گهر وارن کي ته خبر هجي ته هو ڪٿي آهي.صحافي حامد مير خطاب ۾ چيو ته جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري ۾ شيرين مزاري جو اهم ڪردار هو، ڇو ته فروغ نسيم جي هر ممڪن ڪوشش هئي ته بل منظور نه ٿئي. حامد مير چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گم ڪيلن بابت آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته وٽس وڏا راز آهن ته اسان وٽ به وڏا راز آهن. اهي راز ظاهر ڪيا ته ڳالهه تمام گهڻي اڳتي نڪري ويندي.

03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.