غيرقانوني پرڏيهي رهڻ نه ڏينداسين، ڪاروبار بند ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: سنڌ سرڪار

حيدرآباد(رپورٽر) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ بلال ڪاڪا جي قتل واري واقعي بعد ڪنھن کي اھا اجازت نھ ڏني ويندي تھ ان واقعي جي آڙ ۾ ھو پنھنجي سياست چمڪائي  پوليس ۽ رينجرس پنھنجو ڪم ڪري رھي آھي، حڪومت جو واضح پيغام آھي تھ جتي بھ ڪو دڪان بند ڪرائي، روڊ بند ڪري، فائرنگ ڪري يا چڙ ڏياريندڙ ڳالھيون ڪري ان خلاف بروقت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنھن بھ غير قانوني پرڏيھي کي ھتي رھڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھھ سرڪٽ ھائوس حيدرآباد ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاھھ، ڄام خان شورو ۽ ايم پي اي جبار خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ تمام گھڻي پيش رفت ٿي آھي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کان معلومات ورتي وئي آھي. ھن چيو تھ واقعي جي ٻئي ڏينھن تي جيڪا صورتحال ٿي ان دوران 28 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سھراب ڳوٺ واري واقعي ۾ 48 ماڻھن کي گرفتار ڪيو، جتي بھ جنھن بھ قانون ھٿ ۾ کنيو آھي حڪومت انھن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ ڪارروائي ٿي آھي. ھن چيو تھ سموريون جماعتون ھڪ ڳالھھ تي متفق آھن تھ ڪنھن بھ صورت ۾ لساني فسادن کي نھ ڀڙڪايو ويندو ۽ ھي لساني فساد بھ نھ ھئا، افسوسناڪ واقعي ۾ جنھن جو ٻچو قتل ڪيو ويو اھي پاڻ چون ٿا تھ ھي ڪو لساني جھيڙو نھ ھو، ھي ٻن ڌرين ۾ ھڪ موقعي تي ٿيل جھيڙو آھي، ان کانپوءِ ڪنھن کي بھ حق نٿو پھچي تھ ان واقعي کي لساني رنگ ڏئي، ھن واقعي تي ڪنھن کي بھ پنھنجي سياست چمڪائڻ جو حق ناھي، واقعو چاھي سنڌ جي ڪنھن ٻئي شھرجي ڳوٺ ۾ ھجي يا سھراب ڳوٺ ۾ ٿيو ھجي، ھي واقعو ذاتي جھيڙي جي نتيجي ۾ ٿيو آھي، ڪنھن کي بھ ڪو اختيار ناھي تھ ھو پنھنجي شر انگيزي کي وڌائي، اسان ان ڪري ئي حيدرآباد ۾ آيا ھئاسين تھ ھر صورت ۾ امن قائم ڪبو، ڪنھن کي اھا اجازت نھ ڏبي تھ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ ويڙھائي، صوبي ۽ ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي. ھن چيو تھ بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ ھڪ جوابدار اڳ ئي گرفتار ھو ۽ فوري ھڪ ٻئي جوابدار کي بھ گرفتار ڪيو ويو، وڌيڪ 4 جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ سوشل ميڊيا تي پروپئگينڊا ڪرڻ وارن خلاف ايف آئي اي ڪارروائي ڪري رھي آھي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ شاھي سيد ۽ اياز لطيف پليجو کان ويندي قومپرست جماعتن پنھنجا بيان جاري ان واقعي بعد فساد پکيڙڻ واري ڪوشش کي رد ڪيو ۽ ان خلاف پنھنجو موقف پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.