نيب فرح گوگي جي والده کي به طلب ڪري ورتو

لاهور (بيورو+م ڊ) نيب لاهور اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي دوست فرح گوگي جي ماءُ بشريٰ خان کي به طلب ڪري ورتو.نيب لاهور  موجب بشريٰ خان کي دستاويزن سان گڏ 20 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ خان مختلف ڪمپنين ۽ پراپرٽي ۾ فرحت شهزادي جي حصيدار آهي ۽ بشريٰ خان ڌيءَ فرحت شهزادي سان گڏجي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪئي.پڌرائيءَ موجب فرحت شهزادي طرفان ڪمپنيون گذريل 4 سالن ۾ ٺاهيون ويون آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ نيب عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي دوست فرح گوگي کي به 20 جولاءِ تي طلب ڪيو آهي،هوڏانهن پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملي هڪ مهانگي ترين ڪمرشل پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ جي الزام ۾ فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جي لاهور ۾ واقع گهر تي ڇاپو هنيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.