جي يو آءِ پاران باجوڙ ۾ عورتن جي سياحت تي پابندي

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ جمعيت علما اسلام ف جي هڪ گرينڊ جرڳي عورتن جي سياحت تي پابندي مڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو اعلان جرڳي ۾ جي يو آءِ ف جي اڳواڻ ۽ چونڊيل تعلقي ناظم ڪيو آهي، سوشل ميڊيا تي مختلف وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ جي يو آءِ اڳواڻن کي اهو اعلان ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو ته آئنده عورتن کي سياحتي ماڳن تي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جرڳي ۾ تعلقي ناظم حاجي سيد بادشاهه تقرير ڪندي چيو ته جيڪڏهن انتظاميا جرڳي جي فيصلي مطابق فوري طور تي پابندي نٿي  مڙهي ته اسان پاڻ اڳتي وڌي اها پابندي لاڳو ڪنداسين، علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي فحاشي ۽ عرياني کي برداشت نه ڪيو ويندو، انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته هر شئي کي فحاشي ۽ عرياني قرار ڏيڻ ڪو انصاف ناهي، ملڪ ۾ قانون موجود آهن انهن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، رياست اندر رياست قائم نه ٿيڻ گهرجي، جي يو آءِ اڳواڻن چيو ته مهمند ڊيم سان گڏ قائم ڪيل پارڪ ۾ عيد جي موڪلن دوران سرعام ناچ گاني جا پروگرام منعقد ٿيا آهن جيڪي اسان جي قبائلي روايتن جي خلاف آهن اهي برداشت نه ڪيا ويندا، حاجي سيد بادشاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عورتن لاءِ الڳ پارڪ هجن، اسان عورتن جا حق ڄاڻون ٿا، انساني حقن جي ڪارڪن زرتاشه عابد مطابق ٻه مهينا اڳ عورتن تي بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ وڃڻ تي پابندي مڙهي وئي، ڏنڊ مڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، سڀاڻي تعليمي ادارن ۾ به نياڻين جي وڃڻ تي پابندي مڙهي سگهن ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.