بائيڊن ،محمد بن سلمان ملاقات ۾ ” تلخ سوال“

رياض(م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن جيڪو سعودي عرب جي دوري تي ويل آهي، ان سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي قتل جي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو  آهي، ٻنهي ملڪن ۾ ٻين معاملن تي به اتفاق ٿيو آهي، هن چيو ته مون جمال خاشقجي جي حوالي سان ملاقات جي شروعات ۾ ڳالهه ڪئي، مون واضح ڪيو ته ڪنهن آمريڪي صدر لاءِ انساني حقن جي مسئلي تي خاموش رهڻ اسان جي قدرن جي ابتڙ آهي، ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق بائيڊن چيو ته سعودي ولي عهد دعويٰ ڪئي ته اهو ان قتل ۾ ” ذاتي طور تي ملوث“ نه هو، صدر چيو ته هن جواب ڏنو ته منهنجي خيال ۾ توهان ملوث هئا، ان ملاقات کان اڳ صدر بائيڊن ۽ ولي عهد جي هٿ جون مُٺيون ٽڪرائي ملڻ جي تصوير ورتي وئي جنهن تي خاشقجي جي مڱيندي خديجي چنگيز بائيڊن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، واشنگٽن پوسٽ به آمريڪي صدر تي تنقيد ڪئي،العربيه نيوز ويب سائيٽ مطابق سعودي ولي عهد چيو ته جمال خاشقجي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو افسوسناڪ آهي، اجلاس ۾ هن عراق ۾ ابوغريب جيل ۽ ٻين جو مثال ڏيندي چيو ته آمريڪا کان به غلطيون ٿيون آهن، الجزيره جي صحافڻ شيرين ابوعاقله جي قتل تي آمريڪا جي قدمن تي سوال اٿن ٿا، عراق افغانستان ٻنهي ملڪن ۾ آمريڪا ڪامياب نٿو ٿي سگهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.