نينگريون اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ فرخ شاهه 8 ڪيسن ۾نامزد نڪتو

گڏاپ(ن ع آ )ڪراچي جمالي پل ڀرسان ڇوڪرين جي اغوا واري ڪوڙي خبر پکيڙيندڙ پير فرخ شاهه سرهندي بي شمار ڪيسن ۾ ملوث  نڪتو۔ پوليس موجب پير فرخ شاهه سرھندي مٿان سچل ٿاڻي تي اينٽي ٽيرررازم سميت 8 ڪيسن ۾ ملوث آهي. پير فرخ شاھ سرهندي اسڪيم 33 ۾ قبضه مافيا جو مکيه ماسٽر مائينڊ آهي ۽ ڏوهارين جو گروهه ٺاهي سنڌ آباد ۾ ويٺل آھي۔ فرخ شاهه سرهندي خلاف 2009ع کان 2020ع تائين 8 ڪيس داخل ڪيا ويا.جوابدار ابوالحسن اصفهاني روڊ، ماروئڙا ڳوٺ، بندو خان ھوٽل جي آس پاس، مين سپر هاءِ وي نيو پل ڀرسان قبضي جي واقعن ۾ سرگرم رهيو آھي۔ پير فرخ شاھ سرھندي مٿان سپر هاءِ وي تي جمالي پل ۽ ڊي سيون بس اسٽاپ وٽ به قبضي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ٿيل آھي۔ پوليس موجب جوابدار پير فرخ شاھ سرهندي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ چالان ٿي چڪو آهي، جن جون درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن. جوابدار پير فرخ شاھ سرهندي شهر ۾ لساني فسادن کي ڀڙڪائڻ لاءِ هن وقت جعلي خبرون پکيڙي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.