احتساب عدالت رمضان شگر ملز جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاهور (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته حمزه شهباز جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي. احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.  گذريل ڏينهن ٻڌڻي تي حمزه شهباز طرفان ان جي وڪيل حاضري کان معافي جي درخواست ڪئي . ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته حمزه شهباز سرڪاري مصروفيتن سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. عدالت هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري. جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. عدالت هن ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي اڳ ئي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏئي چڪي آهي. عدالت ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم ريفرنس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاهور (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم ريفرنس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي شهباز شريف جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. گذريل ڏينهن شريڪ ملزم اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه ۽ ٻين ملزمن پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي. عدالت ان ڪيس ۾ اڳوڻي بيورو ڪريٽ فواد حسن فواد کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني آهي. آشيانه هائوسنگ اسڪيم ريفرنس جي ٻين ملزمن ۾ بسم الله ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شاهد شفيق، بلال قدوائي، امتياز حيدر، اسرار سعيد ۽ عارف بٽ وغيره شامل آهن.

  • افغانستان: صوبي بغلان ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 8 مسافر اجل جو شڪار

ڪابل (اي پي پي) افغانستان جي صوبي بغلان ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي  8 مسافر فوت جڏهن ته 11 زخمي ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صوبائي ٽريفڪ پوليس جي سربراه قاري نذير  الله عابدي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٽريفڪ حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪابل ويندڙ مسافر بس پل خرمي وٽ ٽرڪ سان تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي ٽڪرائجي وئي. هن ٻڌايو ته حادثي ۾ 3 عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي ويا آهن. ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي پل خرمي جي سول اسپتال ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.