ڊگهڙي ۾ مقتول جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڊگھڙي (ت ر) گذريل ڏينهن پراڻو دمبالو ڀرسان جمڙائو ڪئنال مان مليل ڳوٺ ديھه 170  جي رهواسي نوجوان شاهد آرائين جو لاش مليو هو، سندس وارثن محمد اسلم آرائين، انجمن آرائيان جي تعلقي صدر اخلاق احمد آرائين، آصف آرائين، محمد اشرف آرائين، شاهنواز موسيپوٽو ۽ ٻين جو پريس ڪلب ڊگهڙي جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان جي اغواءَ جو ڪيس مقتول جي گهراوري سهري سميت چئن جوابدارن خلاف ڊگهڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، جنهنکي نئون ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا، اسان پوليس کي اڌ ڪلاڪ جو ٽائم ڏيون ٿا، جڏھن ته اڌ ڪلاڪ ٽائيم گذرڻ کانپونءَ مقتول جي وارثن ڊگھڙي جي مين گيٽ وٽ احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ٽريفڪ جام ٿي ويئي جڏھن ته ان موقعي تي  ڌرڻي واري جاءَ تي پھچي ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪيون ته جوابدار جلد گرفتار ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.