جمال شاھ(ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ ٻِيڙو زرداري ۾ ھڪ ھفتو پهريان 22 سالن جي شادي شده عورت صائمہ زرداري پاران مبينا خودڪشي وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، مبينا خودڪشي ڪندڙ عورت صائمہ جي وارثن امڙ غلام صغرا ۽ ملوڪ زرداري احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته اسان جي نياڻي صائمہ کي سندس مڙس منظور علي ۽ سندس ڏيرن پليو زرداري، علي نواز ۽ علي شير زرداري معمولي ڳالھ تان زھر ڏيڻ بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد خودڪشي جو رنگ ڏنو آهي، جڏهن ته صائمہ 3 مھينن جي ڳورھاري پڻ ھئي، جوابدارن بيگناھ صائمہ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، ھنن ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته صائمہ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار مٿن ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.