بحريا ۾نوجوان جي قتل وارو ڪيس، جوابدارن جي ضمانت رد

ملير (ڊ.ر) بحريا ٽائون ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جزلان جي قتل ڪيس ۾ ملزمن پاران ضمانت لاءِ ڏنل درخواست تي ملير جي ايڊيشنل  سيشن جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران ضمانتن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عبوري ضمانت حاصل ڪيل ملزمن فيض محمد ۽ احسان عرف احسن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ واري فيصلي بعد ٻئي ملزم فيض محمد ۽ احسان عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويا، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ هڪ ملزم حسنين اڳ ۾ ئي گرفتار آهي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ نوجوان جزلان کي بحريا ٽائون جي علائقي ۾ موٽر سائيڪل تيز هلائڻ تان ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ قتل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.