ڊائريڪٽر انفارميشن يوسف ڪابورو جو پٽ لاڏاڻو ڪري ويو

دادو ( ڊ ر )  ڊائريڪٽر ايڊمن سنڌ انفارميشن  ڪراچي محمد يوسف ڪابورو جو نوجوان فرزند مقصود احمد ڪابورو ڊينگي بخار سبب ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو مڙهه دادو ڀرسان اباڻي  ڳوٺ فتح محمد ڪابورو ۾ آڻڻ تي هر طرف سوڳ وارو ماحول بڻجي ويو، مقصود احمد جي جنازي نماز شهيد مخدوم بلال جي جامع مسجد جي احاطي ۾ پڙهائڻ بعد شهيد مخدوم بلاول جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايم پي اي پير مجيب، برادري جي سردار قلندر بخش ڪابورو، اطلاعات کاتي جي منسٽر شرجيل انعام ميمڻ جي پي ايس اظهار حسين، ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪتر  سرور سميجو، انفارميشن آفيسر لياقت جمالي، قاضي شفيق چيئرمين سنڌ نيوز پيپر سوسائٽي، عامر راٺوڙ چيف ايڊيٽر روزاني وزڊم  ، سيد رضوان شاهه ايڊيٽر سنگ ميل، الطاف ميمڻ ڊپٽي سيڪريٽري، ورڪس اينڊ سروس، اي ڊي ڪابورو اعزازي ايڊيٽر رواني پڙلاء، سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. بعد ۾ ڳوٺ فتح محمد ڪابورو ۾ تعزيتي دعا ڪئي وئي، جتي تڏو وڇايل آهي.

  • ناصر حسين شاهه پاران يوسف ڪابورو جي پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ڪراچي (اي پي پي) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ، سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ  رليشنز غلام الثقلين ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان پاران سنڌ انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر انفارميشن ( ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ) محمد يوسف ڪابورو جي نوجوان پٽ مقصود احمد ڪابورو جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هنن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي . ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پوئنرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي .

  • صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ پاران يوسف ڪابورو سان ڏک جو اظهار

ڪراچي (پ ر ) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز غلام الثقلين ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان ۽ اطلاعات کاتي جي سمورن ڊائريڪٽرز پاران سنڌ انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر انفارميشن ( ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ) محمد يوسف ڪابورو جي نوجوان پٽ مقصود احمد ڪابورو جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هنن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پوئنرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.