ڦاتلي (ت ر) ماتلي ويجهو ڳوٺ ٺارو بوزدار ۾ 6 ورهين جو شنڪر پٽ ويلو ڪولهي ڳوٺ ڀرسان راند ڪندي واٽر جي کڏ ۾ ڪري پيو ڪافي ڳولا کانپونءَ سندس لاش پاڻي جي کڏ مان ھٿ ڪيو ويو ۽ ڦلڪارا رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو جتي نينگر فوت ٿيڻ جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.