خيرپور ۾ بدامني، صحافي جي گهران لکين رپين جو ڌاڙو

خيرپور ( س  ر ) خيرپور ۾ بدامني جي باهه رڪجي نه سگهي،اي سيڪشن ٿاڻي جي حد حامد شاهه ڪالوني مان  صحافي زبير احمد سومرو جي گهر مان نامعلو چور موٽر سائيڪل، گهر جو قيمتي سامان، ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا، اطلاع باوجود اي سيڪشن پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، هن سلسلي ۾ صحافي زبير سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او گهنور خان مهر جي مقرريءَ کانپوءِ شهر ۾ چوريون، ڦرون ۽ واردات ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويون آهن، پر پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ منٿليون مقرر ڪرڻ ۾ مصروف آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي چوري جا جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.