جيڪب آباد ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اڄ اي پي سي طلب

جيڪب آباد( رپورٽ سڪندر علي سرڪي )جي يو  آء پاران سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ 17 جولائي تي اي پي سي طلب، مذھبي، قوم پرست، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي دعوت ڏني وئي آهي، ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جو اجلاس کي خطاب، خبر موجب جمعيّت علماءَ اسلام ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته سنڌ امن ۽ محبتن جي ڌرتي آهي پر ڏاڍ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، امن جي قيام لاءِ جي يو آءِ پاران اڄ آل پارٽيز کانفرنس گھرائي رهي آهي، جنهن ۾ مذهبي، قوم پرست، سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، هن اھڙو اظهار جي يو آءِ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ مولانا عبدالجبار رند، انجنيئر حمادالله انصاري، چاڪر خان جکراڻي، گلشير بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هن چيو ته سنڌ داداگيري برداشت نه ڪبي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ھميشه امن چاهيو آهي، ن لاءِ سمورن تنظيمن کي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.