وزيراعظم پاران ڊينگي کان بچاءُ جي عوامي آگاهي مهم جي هدايت

لاهور (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڊينگي کان بچاءُ جي عوامي آگاهي مهم ۽ عوامي هنڌن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب  وزيراعظم شهباز شريف ڊينگي جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ خصوصي حفاظتي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي خصوصي ڪميٽي بڻائڻ جي هدايت ڪئي جيڪا 36 ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه جي طرفان ڊينگي جي تدارڪ لاءِ ڪيل انتظامن جو تفصيلي جائزو وٺندي. وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه تي خصوصي زور ڀريو ته ڊينگي خلاف مرحليوار قدمن ۾ ضلعي انتظاميه جو اهم ڪردار آهي،  ان لاءِ ضلعي انتظاميه کي پيشيوراڻي تربيت يافته عملي ۽ جديد فني طريقن کي اختيار ڪندي ڊينگي خلاف جنگي بنيادن تي موثر طريقي سان انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊينگي وبا جي شروعات ۾ پاڪستان عالمي سطح تي ڊينگي خلاف زبردست ڪاميابي سان سرخرو ٿيو، ڪارڪردگي جي انهي پئماني کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڊينگي کان بچاءُ جي عوامي آگاهي مهم ۽ عوامي جاين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ پنجاب جو سيڪريٽري، ايگريڪلچر جو سيڪريٽري، آبپاشي جو سيڪريٽري، لوڪل گورنمينٽ پنجاب جو سيڪريٽري، ڪمشنر لاهور ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.