قمبر ۾ بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل خلاف احتجاجي ريلي

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر ۾ بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل خلاف سول سوسائٽي، شهري ايڪشن ڪاميٽي،يوٿ فورم ۽ پ پ شهيد ڀٽو طرفان جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾  پلي ڪارڊ جهنڊا کڻي افغاني پناهگيرن خلاف احتجاج ڪندي پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو لڏي وڃو لڏي وڃو. ان موقعي تي سيد مجاهد حسين شاھه، ڪامريڊ نظير احمد تنيو، ڪامريڊ اياز ٻرڙو، سرائي عبداللطيف گوپانگ، سڪندر صنم جهنڊيل، پيارل پنهور، انيس تنيو پ پ شهيد ڀٽو جي طفيل احمد سانگاهه، ڊاڪٽر عزيز مغيري، عرفان گوپانگ، مرتضيٰ گوپانگ، امجد ڦل، عادل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ظلم جي انتها آهي جو اسان جي نوجوان شھيد بلال ڪاڪا کي حيدرآباد ۾ افغاني پٺاڻن بيگناهه بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن جا جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، ٻئي پاسي افغاني پٺاڻ سرعام سنڌين جي تذليل ڪندي سهراب ڳوٺ ۾ مسافرن تي تشدد ڪري ڪراچي جي معصوم شهرين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي،هنن وڌيڪ غير قانوني رهندڙ ڌارين کان رشوت انهن کي شناختي ڪارڊ ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا جنهن جي انڪوائري ڪري سمورن ملوث ڪامورن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن هنن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته انتشار دهشتگردي ڦهلائيندڙ افغاني شرپسند پٺاڻن خلاف ڪارروائي ڪري بلال ڪاڪا جي قتل ۾ گهربل سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن بي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.